ٽاپُو راند جو نمونو

ٽاپُو راند جو نمونو

ٽاپو راند

ٽاپُو راند: ٻارن جي هڪ راند، جنهن ۾ پَٽ تي ليڪا ڪڍي خانا (گهر) ٺاهبا آهن. هيءَ راند ٻار يڪي سر يا ٽوليون ٺاهي کيڏندا آهن. پنهنجي واري تي ٽاپو (گول ٺڪريءَ) نمبر واري خاني ۾ اڇلائبو آهي ۽ هڪ ٽنگ مٿي کڻي، ٻيءَ ٽنگ جي پير سان ٻِڌ ڏئي خاني ۾ گهڙِبو آهي ۽ ٽاپوءَ کي ٿُڏي سان ٻاهر ڪڍبو آهي. جيڪڏهن سڀني خانن مان واري واري سان ٽاپوءَ کي ٻاهر ڪڍيو ويو ته پوءِ پهرئين خاني ۾ ٻار ٻئي پير ٻڌندو آهي ۽ اهو خانو ان ٻار جو ٿيو، پر ٽاپو جيڪڏهن پاسن وارين ليڪن (گهوڙين) کان ٻاهر ويو يا ڪنهن خاني جي ليڪي تي پيو يا ٻار جو پير ڪنهن خاني جي ليڪي تي پيو يا ٻار جو پير ڪنهن به ليڪي تي پيو ته اهو کاپي پوندو ۽ پوءِ وري ٻيو ٻار وارو وٺندو. جيڪو ٻار يا ٽولي گهڻا گهر (خانا) ٻڌندو، اهو راند کٽندو. سنڌ جي هيءَ هڪ قديم راند آهي. هن راند ۾ ذهن ۽ جسم ٻنهي کان ڪم وٺڻو پوندو آهي. هيءَ راند ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا گڏجي يا ڌار ڌار به کيڏندا آهن. هن راند سان ملندڙ جلندڙ رانديون سڄيءَ دنيا ۾ رائج آهن. راند جو نقشو هن ريت آهي:


هن صفحي کي شيئر ڪريو